ڪراچي – 29 نومبر (اي پي پي) چيف آف دي ن??ول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو آهي ته دفاعي سيڪٽر ۽ خاص طور بحري فوج جو ٽيڪنالاجي تي ڀاڙڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ پاڪ بحريه موجوده دور جي گهرجن ??ي پورو لهڻ لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ن??ول پليٽ فارمز ۽ ساز ۽ سامان جي آپريشنل صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يونيورسٽي ??ف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (اين يو ايس ٽي) سان الحاق ٿيل پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج جي 29 هين سندون ورهائڻ واري تقريب کي بحريه آڊيٽوريم ۾ خط??ب ڪندي ڪيو.