اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ?? بوسنيا هرزيگووينا جي پريزيڊنسي جي چيئرمين شف??ق جعفر ووچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سمورن شعبن خاص طور تي م??يش??، واپار، سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، دفاعي صنعت ۽ تعليم ۽ ثقافت ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان بوسنيا هرزيگووينا جي پريزيڊنسي جي چيئرمين شف??ق جعفر ووچ جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان جا بوسنيا هرزيگووينا سان ڀائراڻا ??اڳاپا آهن جيڪي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن.