اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته شهباز شريف جي گرفتاري جو هڪ سبب غيرقانو??ي اثاثا ڪيس ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪرڻ آهي، نواز ??ريف به اهڙي طرح غيرقانو??ي اثاثن جي ڪيس ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو هو، ماضي ۾ صحت جي بنياد تي نواز ??ريف کي ضمانت ڏيندڙ عدالتون تمام سٺيون هيون ۽ جيڪي عدالتون خلاف فيصلو ڏين انهن بابت ڳٺ جوڙ جو تاثر ڏنو وڃي ٿو، اهو توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو، نواز ??ريف ۽ شهباز شريف اڄ تائين هڪ سوال جو جواب ناهي ڏنو. هو پي آءِ ڊي ۾ گهرو احتساب ۽ معاملن واري صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو.