اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن هدايت ڪئي آهي ته ڏو??ان??ن علائقن ۽ پوئتي پيل علائقن خ??ص طور تي بلوچستان، ضم ٿيل علائقن ۽ سنڌ جي ڏو??ان??ن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت جي فراهمي ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ تي خص??صي ڌيان ڏنو وڃي. هن ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ حڪومت ??رفان وڌيڪ مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان ناڻي واري صلاحڪار، صنعت ۽ پيداوار واري وزير، منصوبابندي واري وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ تعليم واري وزير تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي وڌائن ۽ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، آءِ ٽي جو سيڪريٽري، پي ٽي اي چيئرمين، سي اي او يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.