اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان ۽ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيليفون تي ڪورونا وائرس (ڪوويڊ 19) بابت چئلينجن، عالمي معيشت تي ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ??ابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن علائقائي معاملن ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. وزيراعظ?? عمران خان آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري وڏي پئماني تي جاني نقصان تي آمريڪي صدر سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.