اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته وفاقي حڪومت انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ فنڊن جي فوري فراهمي لاءِ پرعزم آهي، ضم ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ انهن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪجهه ٻاهران ??نصر انهن علائقن ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام سان گڏجي اه??ن ٻاهرين عنصرن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻو ??هي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان ??اري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه صوبي ۾ توانائي، هائير ايجوڪيشن، صحت، ترقياتي منصوبن بابت معاملن ۽ خاص طور ضم ٿيل علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جي رفتار جي جائزي اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو.