اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ريڊيو اسڪول ۽ اي تعليم پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته هڪ نصاب هڪ قوم بڻائيندو، ديني مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ هڪ اهم خدمت آهي. وزيراعظم ريڊيو اسڪول ۽ اي تعليم پورٽل جو افتتاذح ڪيو، ريڊيو اسڪول جو منصوبو اطلاعات وا??ي وزارت ۽ تعليم وا??ي وزارت جي حصيداري سان شروع ڪيو ويو آهي. ان سان ملڪ کي ڏورانهن علائقن ۾ به ڪو??ون?? وبا جي ڪري معطل ٿيندڙ تعليمي سلسلي کي بحال رکي سگهبو. تقريب ۾ تعليم وا??ي وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، تعليم واري پ??رلياماني سيڪريٽ??ي وجيهه اڪرم ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پوري دنيا هن وقت ڪو??ون?? جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان جي ڪري تعليمي عمل به متاثر ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته تعليم ۽ اطلاعات وا??ي وزارت کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته انهن تعليم جي سلسلي کي جاري رکڻ جي لاءِ بهتر قدم کنيا آهن جن سان تعليمي عمل تي وبا جي ڪري پوندڙ منفي اثرن ۾ گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ان عمل ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال خوش آئنده آهي. ان سان ڏورانهن علائقن ۾ معياري تعليم پهچائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته هاڻي اسان کي خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ استادن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو جنهن سان انهن علائقن جي تعليمي معيار ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم چيو ته هڪ جهڙو نصاب تعليم وا??ي وزارت جي هڪ تمام وڏي ڪاميابي ۽ انقلابي قدم آهي. ان سان هيٺئين طبقن کي به تعليم ۽ اڳتي وڌڻ جا هڪ جهڙا موقعا ملندا. وزيراعظم نيشنل ايجوڪيشن پاليسي کي به جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئ?? آهي جڏهن ته فني تعليم پڻ تمام ضرور?? آهي. وزيراعظم چيو ته مون گورنمينٽ ڪاليج جي پهرين پرنسپل جي ڪتاب جو مطالعو ڪيو جنهن ۾ هن لکيو آهي ته 1897ع کانپوءِ ڪيئن انگريزن مسلمانن جي تعليمي نظام کي تباهه ڪيو، ان وقت ديني مدرسن ۾ هندو ۽ سک به تعليم حاصل ڪندا هئ?? جڏهن ته اتي جديد تعليم پڙهائي ويندي هُئي پ?? بعد ۾ ديني مدرسن کي آئسوليٽ ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد کي تعليم جي حوالي سان ماڊل بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته موجوده تعليمي نظام هيٺئين طبقي کي مٿي اچڻ کان روڪي ٿو جڏهن ته انهن جي صلاحيتن کي محدود ڪري ٿو. ٽيلي اسڪولنگ جي قدمن سان شاگردن جي لاءِ 0 ڪلاڪ جي نشريات جاري رهندي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي تعليم پورٽل جي ترويج جي لاءِ آگاهي مهم ۾ ”فيس بڪ“ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وا??ي وزارت سان حصيداري ڪري رهيو آهي. ان مهم جو مقصد عوام کي ”اي تعليم پورٽل“ ۽ ان تي موجود تعليمي مواد کان آگاهه ڪرڻ آهي ته جيئن شاگرد ۽ والدين ان مان هر مممڪن فائدو کڻي سگهن.