اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019?? پارليامينٽ کي غربت، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ جه??ا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ آهي ته آئون رڳو پي ٽي آءِ جو اسپيڪر نه آهيان پر پوري ايوان جو ڪ??ٽوڊين آهيان، موثر قانونسازي جو مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي ۽ پارليامينٽ ذريعي ئي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي ٿو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز ۾ قومي اسيمبلي اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019?? جي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي جاري وڊيو پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي قانونسازي جي صلاحيتن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو.