ڪراچي – 03 آگسٽ ( اي پي پي ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ پي ٽي آئي اڳواڻن سان گڏ حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل سال دهشتگرد مودي س??ڪار ڪشمير تي ظلم، ڏاڍ، جبر ڪندي غير آئيني طور تي آرٽيڪل 370 ختم ڪري ڪشميري عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو هو. پنج آگسٽ 2020 تي مودي س??ڪار جي دشتگردي کي 365 ڏينهن مڪمل ٿيڻ وارا آهن. هڪ سال دوران 13582 ڪشميري ماڻهن کي مودي س??ڪار گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، 1331 نوجوان کي قيد ڪري ظلم ڪيو ويو. هڪ بزرگ شهري کي قتل ڪري ان جي ڏوهٽي کي مٿان ويهاريو ويو اهو ظلم پوري دنيا ڏٺو. هڪ هزار کان مٿي ڪ??شي??ي عوام جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا ويا آهن. پوري س??ل کان ڪشمير ۾ موبائل سروس، انٽرنيٽ، سميت سمورو م??اصلاتي نظام بند پيل آهي مودي س??ڪار نٿي چاهي ٿي سندس دشتگردي دنيا ڏسي. انهي عرصي ۾ هڪ لک چوئيتاليهه هزا?? پنج سو ڪشميري نوجوانن کي لاڪ ڊائون لڳائي بي زورگار ڪيو ويو.