اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته پا??ستان ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جو انعقاد پا??ستاني سفارتڪاري ۽ عالم اسلام ۾ اسلام آباد جي قائداڻي ڪردار جي ڏس ۾ هڪ تاريخي واقعو آهي، پا??ستان ڪنهن بلاڪ ??و حصو بڻجڻ کانسواءِ امن ۽ استحڪام، دوستاڻي پا??يسري ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سان چيو ته ڪانفرنس تنظيمي ۽ انتظامي موقف کان وٺي ٺوس تيارين ۽ نتيجن تائين هر لحاظ کان ڪامياب رهي، اهو پا??ستاني سفارتڪاري جو تاريخي ايونٽ هو، اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، ??ائ??ٽفڪ ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو، مسلمان امت کي درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي اڻٽر قرار ڏنو ويو. ترجمان چيو ته ڪانفرنس واضح پيغام ڏنو ته مسلمان دنيا تڪرارن ۾ نه پر امن ۾ حصيدار آهي، پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل هڪ دفعو ٻيهر او آءِ سي ۾ پا??ستان جي قائداڻي ڪردار جو اعتراف ڪيو، ترجمان چيو ته او آءِ سي ۾ پا??ستان جي نمايان ڪردار جو ان ڳالهه مان اندازو ل??ائ?? سگهجي ٿو ته اجلاس ۾ او آءِ سي جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن، علائقائي ۽ عالمي تنظيمن جي 800 کان وڌيڪ نمائندن، وزاتي سطح جي 45 کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙن، اعليٰ عملدارن، نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته چيني پرڏيهي وزير وانگ يي خصوصي مهمان طور تي گهرايو ويو هو، ترجمان چيو ته فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت ڀرپور قرارداد، ڄمون ۽ ڪشمير تي رابطا ??روپ جي طرفان جامع گڏيل پڌرنامو ۽ ايڪشن پلان، افغانستان جي حوالي سان هيومينٽرين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ، اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي خصوصي ايلچي جي مقرري، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن بابت قرارداد، 9 مارچ تي ڀارتي ميزائل جي واقعي تي سخت خدشا، پا??ستان جي طرفان مسلمان دنيا ۾ امن جي فروغ ۽ تڪرارن جي روڪٿام جي غرض سان وزارتي ڪانفرنس گهرائڻ جون تجويزون نمايان ڪاميابي آهن، سياسي، سيڪيورٽي، انساني، اقتصادي، سماجي، قانوني م??لم اقليتن، اسلامو فوبيا، اسلحه ڪنٽرول، دهشتگردي، غير قانوني م??لياتي وهڪري ۽ بدعنواني، ثالثي ۽ او آءِ سي سڌارن جي حوالي سان هڪ سئو 40 قراردادون منظور ڪيون ويون، انهن مان 20 قراردادون پا??ستان يا پا??ستان جي تعاون سان پيش ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسلام آباد ۾ اجلاس جو انعقاد پا??ستاني سفارتڪاري ۽ عالم اسلام ۾ اسلام آباد جي قائداڻي ڪردار جي ڏس ۾ هڪ تاريخي واقعو آهي، هن چيو ته پا??ستان ڪنهن بلاڪ ??و حصو بڻجڻ کانسواءِ امن ۽ استحڪام، دوستاڻي پا??يسري ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پا??ستان چين کي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ خاص مهمان طور دعوت ڏني ڇو ته بيجنگ او آءِ سي ملڪن سان تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. ترجمان چيو ته چين وٽ اسلامي ملڪن سان پنهنجي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي ۽ انهي جذبي سان اسان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي کي خصوصي مهمان طور ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، عاصم افتخار چيو ته او آءِ سي رابطا ??روپ ڄمون ۽ ڪشمير تي هڪ ايڪشن پلان به اختيار ڪيو.