اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ جديد تحقيق ۽ آن لائين تعليم جي طريقيڪا?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ ان??لا??ي تبديلي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته جديد دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽي??نالاجيز خاص طور تي مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا ايناليٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، روبونڪس ۽ آٽو ميشن جي ميدان ۾ قوم کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽي??نالاجي (نسٽ) اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) انجنيئر جاويد محمود بخاري صد?? کي سائنس ۽ انجنيئرنگ جي معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته نسٽ پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون بين المضامين تحقيقي مرڪز قائم ڪيو آهي ته جيئن محققين جي ايندڙ نسل کي ان جي مهارت سان ليس ڪري سگهجي ۽ نئين معلومات ۽ ٽي??نالاجيز تخليق ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته نسٽ هڪ گهڻ شعبا يونيورسٽي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ مختلف شعبن جهڙوڪ انفارميشن ٽي??نالاجي، سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز ۽ آرٽس، ڊيزائن ۽ آرڪيٽيڪچر ۾ تعليم فراهم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته يونيورسٽي پنهنجي ٻن پروگرامن ايم ايس انجنيئرنگ مئنيجمينٽ ۽ ايم ايس پيس اينڊ ڪانفليڪٽ اسٽڊيز آن لائين تعليم ذري??ي پيش ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا اينالٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، فنانس، مئنيجمينٽ ۽ مارڪيٽنگ ۾ فليگ شپ ڪورسز ۽ تربيت فراهم ڪري ملڪ جي پيشيواراڻي ضرورتن کي پورو ڪري رهي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته مارڪيٽ جي وڌندڙ گهرج کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ آن لائين تعليم جي طريقيڪا?? کي فروغ ڏيڻ ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪرڻ لازمي آهي. هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ شاگردن جي مهارت کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ آءِ ٽي پروفيشنلز جي وڌندڙ گهرج کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي روانگي واپا?? کي به وڌائي سگهجي. هن نسٽ ۾ نيشنل سائنس اينڊ ٽي??نالاجي پارڪ قائم ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ هائي ٽي?? ڪمپنين پاران غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ سان گڏوگڏ جدت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي منصوبن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آءِ ٽي ۽ انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ سائنس جي تعليم جي معيا?? کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ يونيورسٽي جي انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيو.