منڊي بهاءُ الدين – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عدم اعتماد منٿن ۽ سازشن سان ناهي ايندو، مخالف ڌر ۾ اها سگهه نه آهي، اهي عدم اعتماد نه ٿا آڻي سگهن، شهباز شريف، بلاول ۽ فضل الرحما?? جي ڪا سياسي حيثيت نه آهي، پاڪستا?? جي عوام انهن کي چڱي ريت ڄاڻي ٿي، ملڪ انه?? جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي، مخالف ڌر مدرسي جي ٻار?? جي زور تي سياست ڪرڻ چاهي ٿي، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ علائقائي پارٽيون بڻجي رهجي ويون آهن، پ?? ڊي ايم کي لانگ مار?? جي لاءِ ڪنٽينر ڪرائي تي ڏئي سگهجي ٿو، نواز شريف ۽ مريم صفدر سزا يافته ڏوهاري آهن، مقصود چپڙاسي ڪيس به جلد شروع ٿيندو، اسا?? جي خواهش آهي ته اهي ڪيسز ماڻهن کي سڌوسنئون ڏيکاريا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته و??ير??عظم عمران خان منڊي بهاءُ الدين ۾ تاريخي عوامي جلسي کي خطاب ڪندو. هن چيو ته و??ير??عظم عمران خان منڊي بهاءُ الدين ۽ جهلم جي لاءِ تاريخي ترقياتي پئڪيجز ڏنا، اڄ انهن علائقن ۾ رستن ۽ يونيورسٽي جي تعمير سان ترقي جو هڪ نئون سفر شروع آهي. سرائي عالمگير کان منڊي بهاءُ الدين ۽ للا کان جهلم ٻن ڦاڪن واري رستي سان علائقي ۾ مواصلاتي رابطن کي فروغ ملندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان هيلٿ ڪارڊ پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، وچولي طبقي جي صحت جا خرچ هاڻي حڪومت پاڻ ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته و??ير??عظم عمران خان ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي، جڏهن عمران خان حلف ورتو هو ته ان وقت اسان وٽ 60 ڏينه?? جي درآمدات جي لاءِ پئسا نه هئا، اسحاق ڊار اينڊ ڪمپني جي ڪري ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو. اسان معيشت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا، هن سال پاڪستا?? جي معيشت 5.37 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي آهي، پاڪستا?? جي انڊسٽري ۽ زرعي شعبو پنهنجي پيرن تي بيٺل آهن، ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪڻڪ، مڪئي، ڪمند ۽ چانور جي بمپر پيداوار ٿي، پاڪستا?? جي تاريخ ۾ ڪڏهن به زرعي شعبي کي ايتري سپورٽ نه ملي جيتري و??ير??عظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ آبادگارن کي ڏني آهي. هن چيو ته 1100 ارب رپيا اضافي زرعي معيشت ۾ منتقل ٿيا، تعميراتي شعبي ۾ هزار ارب رپي?? جي سيڙپڪاري ٿي، اڄ آبادگار، مزدور ۽ مستري خوشحال آهن. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جڏهن اقتدار ۾ آئي هئي ته فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل جي صنعت بند هئي، اسان فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي بحال ڪيو، ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ اڄ نوڪريون وڌيڪ ۽ ورڪرز جو انگ گهٽ آهي، اتي ڪم ڪرڻ لاءِ ورڪرز نه ملي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن سال ٽيڪسٽائيل جي مشينري جي درآمد ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته جڏهن ملڪ جون معاشي حالتون صحيح ٿين ٿيون ته مختلف سياسي چوها نڪري گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا، شهباز شريف، بلاول ۽ فضل الرحما?? جي ڪا سياسي حيثيت نه آهي، پاڪستا?? جي عوام انهن کي چڱي ريت ڄاڻي ٿي. هن چيو ته ملڪ ۾ جيڪڏهن مهانگائي آهي ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته ملڪ انهن ماڻه?? جي حوالي ڪيو وڃي ج?? جي ڪري ملڪ معاشي مسئلن جو شڪار ٿيو. هن چيو ته اڄ پاڪستان استحڪام طرف گامزن آهي، پاڪستا?? جي عالمي سطح تي درجابندي ۾ اضافو ٿيو آهي. و??ير??عظم عمران خان تازو ئي چين جو ڪامياب دورو ڪيو، 23 سالن کانپوءِ ڪو و??ير??عظم روس جي دوري تي وڃي رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن به پاڪستا?? جي پرڏيهي پاليسي ۾ استحڪام اچڻ شروع ٿئي ٿو ته هتي ڪجهه ماڻهو ويهي عدم استحڪام جون ڳالهيون شروع ڪري ڇڏين ٿا، مخالف ڌر هر ٻن مهينن کانپوءِ عدم اعتماد جي رٿ جهڙا بيان جاري ڪري ڇڏي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته چوڌري ڀائرن جو سياس?? ڊيرو آهي، اتي ماڻهن جو اچڻ وڃڻ لڳل رهي ٿو، مخالف ڌر کي پي ايم ايل ڪيو کان ان کان وڌيڪ ڪجهه نه ملندو. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪيبل آپريٽرز تي ڪنهن چينل کي هلائڻ جي لاءِ دٻاءُ نه ٿو وجهي سگهجي، ڪنهن صحافي کي بيروزگار نه ڪيو ويندو، صحافي?? جي روزگار کي تحفظ فراهم ڪنداسين. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيپلزپارٽي کي خبر آهي ته اها پاڻ ته 15 ماڻهو به نه ٿي ڪڍي سگهي، تنهن ڪري اها مدرسي جي ٻار?? جي زور تي پنهنجي سياست ڪرڻ چاهي ٿي. بدقسمتي سان زرداري پيپلزپارٽي جو قد ننڍو ڪري ڇڏيو آهي. مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عدم اعتماد تڏهن ايندو آهي جڏهن توها?? جي چيلهه ۾ سُور نه هجي ۽ توهان پنهنجي پيرن تي بيٺل هجو، منٿن ۽ سازشن سان عدم اعتماد ناهي ايندو. هن چيو ته مخالف ڌر ۾ سگهه نه آهي، اهي عدم اعتماد نه ٿا آڻي سگهن. پ?? ڊي ايم جي لانگ مار?? جي حوالي سان هن چيو ته پ?? ڊي ايم کي لانگ مارچ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اسان جو هڪ ڪنٽينر خالي پيل آهي، پ?? ڊي ايم کي ڪرائي تي ڏئي سگهجي ٿو. بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو وڏو سبب نواز شريف ۽ شهباز شريف جا لڳايل اهي پلانٽس آهن جن کان اسان بجلي خريد ڪريون يا نه ڪريون، انه?? جي ادائيگي اسان کي ڪرڻي هوندي آهي. اڄ ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو ذميوار نواز شريف آهي. اهي عالمي سطح تي اهڙا معاهدا ڪري ويا آهن ج?? جي ڪري اڄ بجلي جون قيمتون وڌي رهيون آهن.