اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ايس ايل 7 جو شاندار آغاز آهي، ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چيو ته پي ايس ايل ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ ??هم ڪردار ادا ڪيو ۽ ٽيلينٽڊ نوجوان ڪرڪيٽرز جي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏنو آهي، ٽورنامينٽ ۾ چاهي جيڪا ??ه ٽيم کٽي پر اصل ??اميابي پاڪستان جي هوندي.