اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته آ??اد?? جي ڏهاڙي ج?? ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جو مرڪزي پيغام اتحاد، انصاف ۽ پنهنجي آزاد حيثيت تي فخر هجڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان تقريبن لاءِ تيار ڪيل مواد منفرد، مستند ۽ اسان جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي جوڙيو وڃي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ج?? ڊائمنڊ جوبلي 2022ع جي تقيربن جي تياري جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، شهزاد نواز، اطلاعات واري سي??ري??ري شاهيره شاهد ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ج?? ڊائمنڊ جوبلي تقريبون ملهائڻ جو مقصد متحد پاڪستاني قوم جو پنهنجي آ??اد?? تي فخر جو اظهار هوندو. تقريبن ۾ قائداعظم ۽ علامه اقبال جي نظرين کي اجاگر ڪرڻ آهي، هن چ??و ته هن س??ل يوم آ??اد?? تي دنيا ڏسندي ته پاڪستاني قوم متحد ۽ مضبوط قوم آهي،
رنگارنگ ثقافت، قدرتي وسيلن ۽ هم آهنگي اسان جي اصل سڃاڻپ آهي، هن هدايت ڪئي ته تقريبن جي حوالي سان تيار ڪيل مواد منفرد، مستند ۽ اسان جي تاريخ کي نظر ۾ رکي جوڙيو وڃي. هن چ??و ته ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جو مرڪزي پيغام اتحاد، انصاف ۽ پنهنجي آزاد حيثيت تي فخر هجن گهرجي، خاص مددگار شهزاد نواز وزيراعظم کي تقريبن جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.