اسلام آباد – 16 – نو??بر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان للها – جهلم ٻن ڦاڪن واري رستي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، 128 ڪلوميٽر ڊگهو ??ن ڦاڪن وارو رستو 16 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندو ۽ ان جي تڪ??يل 30 مهينن ۾ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان رستي جي تعمير سان چڪوال، خوشاب، منڊي بهاءُ الدين، گجرات ۽ م??رپ??ر جي علائقن ۾ رابطو قائم ٿيندو، ڄاڻايل رستي جي ڪري سياحت کي فروغ، پوکيءَ جي فارم کان مارڪٽ پهچ، روزگار جي موقعن ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ مدد ملندي. تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ شرڪت ڪئي.