اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا افغانستان جي صورتحال، سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خاتمي، واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، معيشت ۽ علائقائي رابطن جي حوالي سان ويجهو تعاون ۽ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اهو اتفاق پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي ۽ آمريڪي نائب پرڏيهي و??ير وينڊي آرشرمن جي وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت سيڪريٽري ??ونلڊ لو به ساڻس گڏ هو جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي م??جود هئا. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان ۽ علائقائي امن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جي قيام جو خواهشمند آهي،آمريڪي پرڏيهي نائب و??ير بلوچستان ۾ آيل زلزلي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ??ک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. افغانستان ۾ پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏيندي پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي م??قف ۾ هم آهنگي م??جود آهي، پرڏيهي نائب و??ير افغانستان مان آمريڪي ۽ ٻين شهرين جي نڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ۽ خطي ۾ امن لاءِ استعمال ايندڙ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي و??ير چيو ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان ۾ نئون سيٽ اپ استحڪام سان گڏوگڏ سموري افغان عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو، افغان عوام جي نمائنده ۽ ڊگهي بنياد واري حڪومت عالمي برادري لاءِ اعتماد جي قابل حصيدار ٿي سگهي ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته موجوده ص??رتحال ۾ عالمي برادري پاران مثبت شموليت انساني امداد ۽ مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ پائيدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. پاڪستان معاشي تعاون، علائقائي رابطن جي فروغ ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا باقاعده ۽ منظم ڳالهين جو عمل اسان جي ٻطرفي م??ادن سان گڏوگڏ گڏيل علائقائي م??صدن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ضروري آهي. آمريڪي پرڏيهي نائب و??ير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ متبادل توانائي جي حوالي سان ٻطرفي ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي. غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي زور ڏيندي پرڏيهي و??ير ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير جي مسئلي جي م??صفاڻي حل جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي و??ير آمريڪا پاران پاڪستان کي ڏنل ڪووڊ 19 بابت مدد تي پرڏيهي نائب و??ير وينڊي شرمين جو ٿورو ادا ڪيو.