اسلا?? آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ناليواري اداڪار ۽ ڪاميڊين ??مر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عمر شريف سڄي عمر ڪروڙين ??نسانن جي چهرن تي خوشيون پکيڙڻ جو سبب رهيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري پ??هنجي تعزيتي پيغام م پرڏيهي وزير چيو ته مرحوم عمر شريف جي فني خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. مخدوم شاهه محمود قريشي مرحوم جي پ??نئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ عمر شريف جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.