اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڊينمارڪ جي حڪومت افغانستان مان پنهنجي شهرين جي حفاظت سان واپسي ۾ مدد تي پاڪستان جو ٿور?? ادا ڪيو آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي سفير ليس روزن هولم ملاقات ڪئي ۽ ڊينمارڪ جي شهرين جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ ڊينمارڪ جي حڪومت ۽ عوام پاران پاڪستان جو ٿور?? ادا ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان غير ملڪي شهرين ۽ عالمي تنظيمن جي ميمبرن کي فضائي ۽ زميني رستن ذريعي ڪڍيو، ان موقعي تي پاڪستان جي ??حت جي نظام ۾ طبي اخلاقيات جي فروغ جي حوالي سان صدر جي صدارت ۾ اجلاس م??عق?? ٿيو، ڊينمارڪ جي سفير اجلاس کي طبي اخلاقي طريقن ۽ ڊينمارڪ جي اعليٰ معيار جي ??حت جي نظام جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ ??حت جي شعبي جي پروفيشنلز ۾ ??حت جي خدمتن جي فراهمي جي اخلاقي ۽ بهترين طريقن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، صدر چيو ته طب جي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن کي اينٽي بايوٽڪس کي غير ضروري طور تي تجويز ڪرڻ جي رجحان جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهو طبي نگهداشت جي ڪارڪنن، دواساز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي ذميداري آهي ته هو طبي اخلاقيات کي فروغ ڏين ۽ مريضن کي اينٽي بايو ٽڪس جي ضرورت کان وڌيڪ نسخي جي حوصلا شڪني ڪن، اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروسز?? ريگوليشن اينڊ ڪوآرڊ??نش?? واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.