اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته صحافين ميڊيا ورڪرز جي پگهارن، نوڪرين جي تحفظ، فيڪ نيوز ۽ ويج بورڊ کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين، صحافت جي آزادي ڪنهن جي منافعي ڪمائڻ يا ڪنهن جي تحفظ جو نالو نه آهي، قانون اهو هوندو آهي جيڪو ايڪٽ پارليامينٽ هجي يا آرڊيننس جي ذريعي اچي، پي ا??م ڊي ا?? فريم روڪ اڃان مشاورت جي عمل ۾ آهي. هو ??ين??ٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏئي رهيو هو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد ڪئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته صحافين جي تحفظ جو بل قومي اسيمبلي جي ا??ساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميتي ۾ ٽن مهينن کان رڪيل آهي، 18 هين ترميم کانپوءِ امن امان جو معاملو صوبائي آهي، عزيز ميمڻ، اجي لالواڻي جي ڪيسن ۾ ڇا ٿيو؟ هن چيو ته ميڊيا کي اشتهارن جي مد ۾ هڪ ا??ب 70 ڪروڙ جي ادائيگي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ ??ين??ٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ اسٽيڪ هولڊرز پيمرا، آءِ ٽي ا??ن اي، پريس ڪائونسل کي مضبوط بڻائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، پي ا??م ڊي ا?? ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، اجلاس ۾ پي بي ا??، اي پي ا??ن ايس، سي پي ا??ن اي، پي ا??ف يو جي ۽ صحافتي تنظيمن جي عهديدارن پي ا??م ڊي ا?? بابت تجويزون پيش ڪيون.