اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آه?? ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان سميت ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، افغانستان ۾ امن تمام اهم آه?? ۽ اهو افغانستان جي عوام ۽ پاڙي??ري ملڪن ??ي مفاد ۾ آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ”دختر پاڪستان بيانيو“ جي پذيرائي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته پرامن افغانستان جو افغانستان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا سميت دنيا وانگر اها خاطري چاهي ٿو ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن تمام اهم آه??. هن چيو ته افغانستان ۾ امن سان نئين سر تعمير ۽ ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ پاڪستان ان حوالي سان پنهنجو ??رد??ر ادا ڪرڻ لاءِ تيار آه??.