اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب ج?? هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الرويلي ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان وفد جي آجيان ڪ??ي ۽ شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام سدائين سعودي قيادت جو خاص احترام ڪيو آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي سعودي عرب ج?? خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ حمايت جو هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ س??ودي عرب ج?? هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جي وچ ۾ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ س??ودي عرب ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تازو ئي قائم ٿيندڙ سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪ??ئونسل سمورن شعبن ۾ ٻ??رف?? تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دفاعي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايندڙ سالن ۾ ٻ??رف?? دفاعي تعاون وڌيڪ وڌندو. سعودي عرب ج?? هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف پاڪستان ۽ س??ودي عرب ج?? وچ ۾ بهترين تعاون جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. ملاقات ۾ يمن جي تازي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم يمن جي تڪ??ار کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ سعودي عرب پاران ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستان ۽ س??ودي عرب جا پراڻا ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ گڏيل تعاون ۾ ڳنڍيل آهن جڏهن ته دورن جي باقاعده ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپن جي عڪاس آهي.