اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير وزيراعظم کي ڪامياب پاڪستان پروگرام تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ڪامياب پاڪستان پروگرام نه رڳو نوجوانن کي آسان قسطن تي قرض جي فراهمي سان پنهنجو روزگار فراهم ڪندو پر وچولي طبقي کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ لاءِ به قرض فراهم ڪندو. ان کانسواءِ آبادگارن جي مالي مدد جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مشينري کي حاصل ڪرڻ لاءِ قرض به شامل آهي سان زراعت جي ??عبي ۾ به نمايا?? ترقي ممڪن ٿي سگهندي، وزيراعظم ڪامياب پاڪستان پروگرام تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان جي ??اريخ جو پهريو اهڙو پروگرام آهي جيڪو ماڻهن کي روزگار، پنهنجو گهر ۽ زرعي مشينري حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. ان سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر معيشت تي مثبت اثر پوندا.