اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، حڪومت عالمي سيڙپڪار ڪمپنين کي سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن س??ولتون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ظهبي گروپ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ظهبي گروپ جي سي اي او تنوير حسين اعواڻ، ڊائريڪٽر سلمان ناصر عبدالله البدي ۽ پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ محمد شهباز خان شامل هئ??. ان موقعي تي وزيراعظم جو و??پا?? وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار خان آفريدي ۽ بي او آءِ جو چيئرمين ع??طف بخاري به موجود هئ??. و??د وزيراعظم عمران خان جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي ويزن ۽ ٻاهرين س??ڙپڪار ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ جي قدمن جي واکاڻ ڪندي مستقبل ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حوالي سان گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.