GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊ ترميمي بل 2023ع جي ڪجهه ترميمن سان منظوري ڏني وئي

image

اسلام آباد-26 جولاءِ (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊ ترميمي بل 2023ع جي ڪجهه ترميمن سان منظوري ڏني وئي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي قومي اسيمبليءَ مان منظور ڪيل ۽ سينيٽ مان 90 ڏينهن اندر منظور نه ڪيو ويو، چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم ڪرڻ جو بل فوري طور غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي منظوريءَ کانپوءِ ان تي بحث ڪرايو ويو، قانون واري وفاقي وزير بل جي حوالي سان ٻُڌايو ته چونڊ سڌارن واري ڪميٽيءَ ۾ چونڊ قانون 2017ع ۾ سڀني ترميمن تي اتفاق راءِ هئي، جڏهن ته هڪ شق 230 تي اتفاق نه هو، ميڊيا تي چيو ويو ته اها شق گذريل ڏينهن ڪئي وئي، اها شق جمعي ڏينهن ميمبرن کي واٽس ايپ ذريعي تقسيم ڪئي وئي. ڪميٽيءَ جي چيئرمين اڄ سڀني ميمبرن کي طلب ڪيو، ان شق جو ٻيهر جائزو ورتو ويو. ڪجهه شيون ان مان ڪڍيون ويون آهن، ان شق کي هاڻي آسان بڻايو ويو آهي. اسان ايندڙ چونڊن کي صاف ۽ شفاف بنائڻ چاهيون ٿا ته جيئن قانون ۾ ابهام جو فائدو کڻندي چونڊ عمل يا نتيجن تي ڪوبه اثرانداز نه ٿي سگهي. وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو ته ڪميٽي بل ۾ ترميمن جي ڪثرت راءِ سان منظوري ڏني آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان نگران دؤر ۾ معاهدي جي حوالي سان ان جا خدشا سامهون آيا آهن، ڇاڪاڻ ته جن منصوبن تي ڪم شروع ٿي وڃي ته ان ۾ نگران دؤر جي دير سان ڪانٽريڪٽر ڊي موبلائز ٿي ويندا آهن، نگران حڪومت کي گهڻ رُخي ۽ ٻه طرفن معاهدن تائين محدود ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سيڙپڪارن وٽ سيڙپڪاريءَ لاءِ سڄي دنيا آهي، نيلاميءَ جي اختيار کان پوءِ ان ۾ دير سان سيڙپڪار هليا ويندا آهن. سينيٽر رضا رباني چيو ته بل جي ٻين شقن تي ڪوبه اعتراض ناهي. سيڪشن 230 جي ميمبرن مخالفت ڪئي هئي، قانون واري وزير جو شڪرگذار آهيان ته ايوان جي ڊسڪشن کي نظر ۾ رکيو، اهوئي ان پارليامينٽ جو حسن آهي. منظور ڪاڪڙ چيو ته سڌارن واري ڪميٽيءَ جي چيئرمين شائستگي سان اجلاس هلايا، قانونن ۾ بهتري آندي آهي، هر نُڪتي تي تفصيلي بحث ٿيو. بلوچستان عوامي پارٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، سٺيون ترميمون ٿيون آهن، ملڪ کي ڊيفالٽ مان ڪڍڻ تي اسان سڀني پارٽين کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. طاهر بزنجو چيو ته ضرورت جي نظريي کي گهڻو وقت گذرڻ باوجود موت ناهي ايندو، نگران حڪومت جو ڪم صاف ۽ شفاف چونڊ ڪرائڻ آهي، وڏا فيصلا چونڊيل حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي، سياسي استحڪام لاءِ مضبوط حڪومت ئي آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪري سگهندي. پي ٽي آءِ جي سينيٽر بئريسٽر علي ظفر چيو ته سڌارن واري ڪميٽي جي چيئرمين سٺي طريقي سان ڪارروائي هلائي، ڪجهه ترميمون ڪميٽي پاڻ ئي واپس ورتيون آهن، ڪجهه ترميمن ان بل کي وڌيڪ بهتر بنايو آهي. سينيٽر ثانيه نشتر چيو ته سيڪشن 230 جي هيٺين شق 3 تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران حڪومت 2 يا 3 مهينن لاءِ هوندي آهي. اسپيڪر چيو ته ترميمي بل تي ٻنهي پاسن طرفان راءِ اچي چڪي آهي، ايوان حڪومتي ترميمن جي منظوري ڏني، جڏهن ته مخالف ڌر جي ترميمن کي رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪجهه ترميمون منظور به ڪيون ويون. شق وار منظوري کانپوءِ قانون واري وفاقي وزير بل ايوان ۾ منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل جي منظوريءَ سان پرزائيڊنگ آفيسر نتيجا فوري اليڪشن ڪميشن ۽ رٽرننگ آفيسر کي موڪلڻ جو پابند هوندو. پرزائيڊنگ آفيسر فارم 45 جي تصوير ٺاهي اليڪشن ڪميشن کي موڪلي، انٽرنيٽ بند هجڻ تي پرزائيڊنگ آفيسر اصل نتيجو پاڻ پهچائڻ جو پابند هوندو. پرزائيڊنگ آفيسر اليڪشن جي رات 2 وڳي تائين نتيجا ڏيڻ جو پابند هوندو. پرزائيڊنگ آفيسر کي دير جي صورت ۾ ٺوس سبب ڄاڻائيندو. پرزائيڊنگ آفيسر وٽ نتيجن لاءِ ايندڙ ڏينهن صبح 10 وڳي جي ڊيٽ لائن هوندي، ان ۾ ناڪاميءَ تي ان جي خلاف فوجداري ڪيس هلندا. ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙيءَ جو فيصلو 15 بجاءِ 7 ڏينهن ۾ ڪيو ويندو. نئين قانون تحت چونڊ ترميمي بل 2020ع جي شق 10 ۾ تڪبنديون آباديءَ بجاءِ هڪ جهڙي ووٽ جي بنياد تي ڪرڻ جي ترميم تجويز ڏني وئي هئي، ان کي ختم ڪيو ويو. تڪن ۾ ووٽرن جي انگ ۾ فرق 5 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هوندو، جڏهن ته جتي ضروري هجي ته اتي 10 تائين ڪرڻ جي اجازت هجي. پولنگ واري ڏينهن کان 5 ڏينهن اڳ پولنگ اسٽيشن تبديل نه ڪري سگهبي، چونڊ خرچن لاءِ پهريان کان استعمال هيٺ بينڪ اڪائونٽس به استعمال ڪري سگهبا جڏهن ته ان سان هڪ حلف نامو ڏيڻو پوندو. سيڪيورٽي اهلڪار پولنگ اسٽيشن ٻاهر ڊيوٽي ڪندا، هنگامي صورتحال تي پرزائيڊنگ آفيسر جي اجازت سان اندر اچي سگهندا. پوسٽل بيلٽ کي شفاف بنائڻ لاءِ ڪنهن تڪ ۾ ڪيترا ووٽ جاري ڪيا ويا ان جا تفصيل ويب سائيٽ تي ۽ پولنگ واري ڏينهن ان بابت آگاهه ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي 5 سڪڙو يا 8 هزار ووٽ، صوبائي اسيمبلي 4 هزار ووٽ جي فرق تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي سگهبي. اليڪشن ٽربيونل مان رٽائرڊ ججن کي ڪڍيو ويو. صرف حاضر سروس جج ئي اهي خدمتون سرانجام ڏيندا. چونڊ عذرداريون اڪلائڻ لاءِ 6 مهينن جو وقت ڏنو ويو آحي ان کانپوءِ هر پيشي تي ڏنڊ هوندو. 6 مهينن کانپوءِ منع نامو خارج ٿي ويندو. پرزائيڊنگ آفيسر يا عملي سبب جيڪڏهن چونڊ عمل ۾ دير ٿئي ته ان جي خلاف فوجداري ڪارروائي ٿيندي. چونڊ ۾ لسانيت، صنف سبب روڪڻ ڏوهه آهي. ٽرانس جيندر کي حق حاصل آهن. قانون ۽ انصاف واري وزير چيو ته شق 230 جي هيٺين شق 2 ۽ 3 ٻه ترميمون تجويز ڪيون ويون هيون. آئيني دائره ڪار ۾ رهندي سيڪشن ون ۽ ٽو ۾ معاشي بحران مان نڪرندي ڪجهه منصوبن تي عمل ٿيڻو آهي ڪجهه ٻه طرفا معاهده آهن. عالمي بينڪ سان ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو معاهدو سيپٽمبر ۾ متوقع آهي. نگران حڪومت کي ڪي به اختيار نه پيا ڏنا وڃن پر انهن کي روزمره معاملا هلائڻ لاءِ ڪجهه اختيار واضح ڪيا ويا آهن. سياسي حڪومت ۾ ڪابينا ۾ جيڪي منظوريون ٿيون آهن انهن ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ لاءِ ڪجهه ترميمون ڪيون ويون آهن. مشتاق احمد چيو ته ان کي جواز بنائي نگران حڪومت کي توسيع ڏئي سگهجي ٿي. اياز صادق چيو ته ورلڊ بينڪ ٻوڏ متاثرن لاءِ سيپٽمبر ۾ بورڊ ميٽنگ ٿيڻي آهي. جنهن تحت نرم شرطن تي قرض فراهم ڪرڻا آهن. ان سان چونڊن ۾ دير نه ٿيندي. اهي ڳالهيون بي جواز آهن. نگران حڪومت کي شروع ڪيل منصوبن، ٻه طرفي يا گهڻ رخي منصوبن جو اختيار هوندو. سيپٽمبر ۾ عالمي بينڪ جي اجلاس ۾ پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ نرم شرطن تي قرض جو معاهدو ڪرڻ جو اختيار نگران حڪومت کي ڏيڻ جي ترميم منظور ڪئي وئي. ان بل تحت بورڊ يا اعزازي خدمتون ڏيندڙ ماڻهو چونڊن ۾ انٽرا پارٽي چونڊ نه ڪرائڻ تي پارٽي کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک روپيه ۽ وڌ کان وڌ 2 لک روپيه ڏنڊ هوندو.

مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش
متعلقہ مضامین
مزید خبریں