اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس ڊي ملهايو پيو وڃي. ٽائيگر فورس ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي. ملڪ ۾ پهري??ن ڀيرو وڻڪاري مهم جي لاءِ جديد ٽڪينالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان ٽائيگر فورس ايپليڪيشن ۾ گرين سيلفي فيچر جي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايپليڪيشن ۾ جيو ٽيڪنگ جي خصوصي سهولت پڻ متعارف ڪرائي وئي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب ايپليڪيشن ذريعي لڳايل ٻوٽن جي لائيو لوڪيشن ۽ انگ معلوم ڪري سگهجي ٿو. ٻوٽا لڳائيندڙ رضاڪار ايپليڪيشن ذريعي پنهنجي گرين سيلفي اپ ل??ڊ ڪري سگهندا. نوجوانن ??يپليڪيشن جو استعمال ڪندي ڪجهه ڪلاڪن دوران 16 هزار ٻوٽا لڳايا. خصوصي ايپليڪيشن پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي تعاون سان تيار ڪئي وئي. وزيراعظم جي نوجوانن ??ي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهري??ن ڀيرو ڊيجيٽل وڻڪاري مهم شروع ٿي آهي، ڪراچي کان خيبر تائين لڳايل هڪ هڪ ٻوٽي جو لائيو رڪارڊ ستياب هوندو، اڪثر مخالف ڌر م??مب??ن کي بو??ا ڳڻڻ جو شوق رهي ٿو، هن چيو ته مخالف ڌر م??مب?? ايپليڪيشن ڊائون ل??ڊ ڪري گهر ويٺي ٻوٽو لڳائي سگهندا، چاهين ته تجربي طور پنهنجي گهر ۾ ٻوٽو لڳائي لائيو اپ ڊيٽ ڏسي وٺن.