اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 80 لک ڪشميري پنهنجي گهرن ۾ قيدين جي زندگي گذاري ??هي?? آهن، ڀارت جي قابض فوج پاران وڏي پئماني ت?? انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون لڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين دنيا سان انهن جا مواصلاتي رابطا ڪاٽيا ويا آهن، نوجوانن کي ??علي مقابلن ۾ عدالتن کان مٿانهون شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ نام نهاد تلاشي جون ڪارروايون روزانو ٿي رهيون آهن ۽ ڪشمير جي حقيقي سياسي قيادت جيلن ۾ بند آهي، 5 آگسٽ 2019ع جو ڀارتي قدم غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ مواصلاتي رابطن جو ڪاٽڻ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ملهايو ويندڙ استحصال ڏ??اڙ?? جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت جي غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ مواصلاتي بندشن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي زندگين ۽ انهن جي روزگار کي ??باهه ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي سڃاڻپ کي ??طري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت ج?? انتهاپسند ۽ توسيع پسنداڻي سوچ رکندڙ بي جي پي آر ايس ايس جي نمائنده ڀارتي حڪومت هندوتوا ايجنڊا کي ??ڳتي وڌائي رهي آهي ۽ ڀارتي حڪومت خطي ۾ آبادي جي تناسب کي ??بديل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ مسلمان اڪثريت کي ??قيت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، عالمي قانونن ۽ خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي.