اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي جي ??وجوده تسلي بخش صورتحال ۽ پنجاب صوبي پاران باقاعدگي سان ڪڻڪ جي رليز تي اطمينان جو اظها رڪندي چيو آهي ته مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان وقت سر اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي، ڪڻڪ جي ??ڏي مقدا?? سان گڏوگڏ مناسب قيمتن کي يقيني بڻائڻ به حڪومت جي اولين ت??جي?? آهي ته جيئن عوام کي بنيادي خوراڪ جي ڏس ۾ ڪنهن قسم جي ??شڪل ن?? ڏسڻي نه پوي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوالي سان اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير محمد حماد اظهر سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر امام، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، مرزا شهزاد اڪبر، خصوصي صلاحڪار داڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، پنجاب جو خوراڪ وارو وزير عبدالعليم خان، لاڳا??يل ادارن جا سيڪريٽريز، جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.