اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جو افغانستا?? ۾ ??من لاءِ ڪردار سدائين منفي رهيو، دنيا ۾ اسلاموفوبيا جي خلاف سڀ کان موثر آواز اٿاريندڙ وزيراعظم عمرا?? خان آهي، ناموس ??سالت ﷺ جي حوالي سان پاڪستان جي پوزيشن ٽٽڻ جوڳي نه آهي، حڪومت ملڪ ۾ مختلف مافياز جي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي، هاڻي اسان انهن مافياز کي بي نقاب ڪيو آهي ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جي معيشت بهتر رخ ۾ گامزن آهي. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان عوام جي روي?? ۾ ??بديلي آئي آهي پر ان جي باوجود الله تعاليٰ جو وڏو احسان آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي صورتحال ايتري خراب نه آهي جيتري دنيا جي ٻين ملڪ?? ۾ ??هي، هن چيو ته ڀارت جو ڪردا سدائين منفي رهيو آهي، ڀارت دوها ڳالهين جي خلاف رهيو، ان ک??نس??اءِ افغانستا?? ۾ ??من عمل جي حوالي سان به ڀارت سدائين مخالفت ڪندو رهيو، هن چيو ته ناموس ??سالت ﷺ جي حوالي سان اسان سڀ هڪ آهيون، ان حوالي سان ڪا به ٻي راءِ نه آهي پر رد عمل ۾ فرق ضرور ٿي سگهي ٿو ته اسان جو رد عمل ڏيڻ جو طريقو ڪجهه ٻيو آهي جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو رد عمل ظاهر ڪرڻ جو طريقو ڌار آهي، حڪومت جي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهيون ٿيون هيون ۽ ڳالهين کانپوءِ ڪجهه نڪتن تي صحيحون به ڪيون ويون هيون، ان وقت اهو طئي ڪيو ويو هو ته ٽي ايل پي جي ڊمانڊ تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو ويندو، پرڏيهي پاليس ۾ پارليامينٽ جو وڏو ڪردار هوندو آهي ۽ ائين ممڪن نه آهي ته پارليامينٽ جي ڪردار کي نظر انداز ڪيو وڃي، سڀاڻي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو پيو وڃي، پارليامينٽ ۾ ان سڄي معاملي تي بحث ڪيو ويندو ۽ ??هڙ?? حل ڳوليو ويندو جنهن سان قوم مطئمن به ٿئي، صدر چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف دنيا ۾ سڀ کان موثر آواز اٿاريندڙ وزيراعظم عمرا?? خان آهي.