اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقياتي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ نيشنل ??ما??ڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس ۾ صوبن سان تعليمي ادار?? ۾ ??حت جي رهنما اصولن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آهي، نيشنل ??ما??ڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جمعي ڏينهن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو ويجهڙائي ۾ اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن کي ٻيهر کولڻ جي اعلان کان پهرين صحت کاتي طرفان جوڙيل صحت ۽ حفاظت جي رهنما اصولن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ متاثر ماڻهن جي رابطي جي نشاندهي ۽ انهن کي قرنطيه ??رڻ جي قدمن کي وڌيڪ بهتر ڪري، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي هٿن کي ڌوئڻ جي انتطامن، مخصوص ٽيسٽنگ ۽ مائيڪرو ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون جي تازه ترين صورتحال ۽ تعليمي ادارن کي ٻيهر کولڻ جي حوالي سان منصوبابندي جي حوالي سان تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.