اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ڀارت جي پارليام??نٽ جي هيٺين ايوان لوڪ سڀا جي طرفان تڪراري سٽيزن شپ ترميمي بل ج?? منظوري ۽ اقليتن سان ڀارتي فاشست حڪومت جي غير انساني سلوڪ جي مذمت ڪري ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سريلنڪا لاءِ پاڪستان جي ن??مزد سفير ميجر جنرل (ر) محمد سعد خٽڪ ??ان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.