اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان مراڪش ۾ گڏيل قومن جي الائنس آف سولائزيشن جي نائين عالمي فورم جي موقعي تي سعودي نائب پرڏيهي وزير وليد الخيريجي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڌرين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ۽ گهڻ رخي حصيداري کي سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان جي ٽوئيٽ موجب مملڪتي وزير فيفا ورلڊ ڪپ ??ئچ ۾ تاري??ي فتح تي سعودي عرب کي مبارڪباد پڻ ڏني.