اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جي ڪ??نسر بابت آگاهي مهم سان ماڻهن ۾ شعور اجاگر ٿيو آهي ۽ ماڻهن کي اها ڳالهه باور ڪرائڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي ملي آهي ته جلد تشخيص ۾ ئي ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جو ??لاج ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن صحت ڪهاڻي جي اهتمام هيٺ ”آئون زندهه بچي سگهان ٿي“ جي موضوع تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪ??و. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي مريضن جي مدد لاءِ جوبلي انشورنس جي تعاون سان ڪينسر پروڊڪشن پروگرام شروع ڪرڻ ت?? صحت ڪهاڻي کي ساراهيان ٿو، جنهن جي مدد سان مريضن تي پوندڙ مالياتي بار کي گهٽ ڪري سگهبو ۽ ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي علاج تي جيڪو خرچ اچي ٿو، ان حوالي سان ماڻهن کي انشورنس فراهم ڪئي ويندي، ان پروگرام س??ن گڏ مفت اسڪريننگ جي سهولت به فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، ڇو ته بريسٽ ڪينسر جو ??لاج ڪافي مهانگو آهي ۽ هڪ عام ماڻهو پنهنجي طور تي ان جي علاج جو ??ار برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهڙن پروگرامن کي مستقبل ۾ وڌيڪ توسيع ڏني ويندي.