اسلام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) دنيا جي چئن مختلف ملڪن ۾ ??زا?? ۽ خودمختيار خالصتان رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ٿيل ريفرنڊم ۾ 2 لک 8 هزار سکن حصو ورتو ۽ ڀارت جي پنجاب کي ??زا?? ڪري اتي ??زا?? ۽ خودمختيار خالصتان رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهڙي قسم جي ريفرنڊم جي شروعات گذريل سال آڪٽوبر ۾ ٿي جيڪو برطانيا، جنيوا، اٽي ۽ ڪئناڊا ۾ ٿيو جنهن ۾ سک برادري جي وڏي انگ حصو ورتو ۽ تازو ٿيل مشق ڪئناڊا جي شهر برامپٽن ۾ 18 سيپٽمبر تي ٿي جنهن ۾ هڪ اندازي موجب هڪ لک 10 هزار سکن جيڪي بالغ آدمشماري جو 20 سيڪڙو آهن انهن ??زا?? ۽ خودمختيار رياست جو مطالبو ڪيو.
پهريون خالصتان ريفرنڊم 31 آڪٽوبر 2021ع تي برطانيا ۾ ٿيو هو جنهن ۾ 30 هزار سکن حصو ورتو هو ۽ جنيوا ۾ گذريل سال 10 ڊسمبر تي ٿيل ريفرنڊم ۾ 6 هزار ماڻهن ??زا?? رياست جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو جڏهن ته ساڳئي طرح اٽلي ۾ ٿيل ريفرنڊم ۾ 62 هزار سکن ۽ ڪئناڊا ۾ هڪ لک 10 هزار سکن حصو ورتو هو. ڪئناڊا ۾ ريفرنڊم سک فار جسٽس تنظيم پاران ڪرايو و??و هو، جيڪو سک اڳواڻ گرپت ونت سنگهه پنو جي اڳواڻي ۾ پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ ٿيو هو. جڏهن ته گرپت ونت سنگهه ميڊيا سان ڳالهين ۾ خالصتان رياست ??و نقشو پيش ڪندي چيو هو ته شملا ان جي گادي وارو شهر هوندو. اهڙي قسم جي ريفرنڊم کانپوءِ سک ??زا?? موومينٽ هاڻي مکيه ڌارا ۾ شامل ٿي وئي آهي.
ريفرنڊم دوران سک برادري ڀارت مخالف ۽ خالصتان جي حق ۾ نعريبازي ڪئي جڏهن ته خالصتان جي حق ۾ نڪتل ريلي ۾ 2 هزار کان ??ڌيڪ ڪارون شريڪ هيون. سک فار جسٽس سک برادري ۾ عالمي سطح تي سجاڳي آڻڻ جي لاءِ مهم هلائي رهي آهي، جيڪي ڀارت پاران ??سلسل ظلم ۽ زيادتي جو شڪار آه??. ج??هن ته ڀارت تي ان حوالي سان دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اهي سرڪاري طور تي اهڙي قسم جو ريفرنڊم ڪرائي
گڏيل قومن جي آرٽيڪل تحت ڪا به قوم پنهنجي حق جي لاءِ آواز اٿاري سگهي ٿي ۽ ان حوالي سان ريفرنڊم ۽ مظاهرا ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته ڀارت پاران ڪئناڊا جي حڪومت تي ريفرنڊم روڪڻ جي لاءِ سخت دٻاءُ وڌو و??و پر ڪئناڊا جي حڪومت ريفرنڊم اهو چئي روڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته ايس ايف جي جو ريفرنڊم پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ آهي ۽ اهو ڪئناڊا جي قانون موجب ٿي رهيو آهي.
جڏهن ته ڀارت جي پرڏيهي کاتن واري وزارت پاران ريفرنڊم تي سخت اعتراض واريا ويا آهن ۽ ان کي دهشتگرد عنصرن پاران ??لايل سياسي تحريڪ ??و نالو ڏنو و??و آهي جڏهن ته ڀارت جي مکيه اخبارن ۽ ٽيليويزن چينلز پاران سک برادري جي پرامن جمهوري مظاهري کي ڪوريج ناهي ڏني وئي جڏهن ته ان کي منفي انداز ۾ پيش ڪيو و??و آهي.
جڏهن ته خالصتان ريفرنڊم جي حق ۾ ووٽ وجهندڙ ڪيترن ئي سکن مطالبو ڪيو آهي ته ??زا?? خالصتان رياست قائم ڪئي وڃي جڏهن ته هاڻي اها مهم آهستي آهستي ڀارت مان ??يندي عالمي سطح تائين پهچي وئي آهي. هڪ تجزيه نگار موجب سک ??زا??ي مهم هاڻي آهستي آهستي سک برادري ۾ مشهوري ماڻي رهي آهي. جڏهن ته وڊيو فوٽيجز ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي ته ??زا?? خالصتان جي مهم هاڻي سکن ۾ جاءِ والاري رهي آهي. جڏهن ته ان حوالي سان ??يجهي ماضي ۾ ٿيل ڪيترائي ريفرنڊم ۽ ماڻهن پاران ??وٽ ڏيڻ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته هاڻي سک ڀارت ۾ پنهنجو هڪ جدا ملڪ چاهين ٿا. خالصتان ??هم 1980ع کان ڀارت پاران شروع ڪيل ظلمن کان آجپي جي لاءِ شروع ڪئي وئي آهي.