اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پر??يهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد چيو آهي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس پاڪستان جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار طور اڄ جمعي ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ايندو، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ۽ نيشنل فلڊ ريسپانس ??ين?? ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري کانسواءِ ٻوڏ کان شديد متاثر علائقن جو دورو ??ند??. پر??يهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات کانسواءِ نيشنل فلڊ ريسپانس ??ين?? ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو دورو ??ند?? جڏهن ته هو وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ??ند??. انتونيو گوٽريس پر??يهي وزي?? بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ پر??يهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ بلوچستان ۽ سنڌ جي علائقن (سکر، موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو ۽ اوستا محمد،) جو پڻ دورو ??ند?? جتي هو امدادي ڪمن ۾ شروع کان سرگرم ڪارڪنن سان ملاقات کانپوءِ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ??ند??. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ٻوڏ سٽيل علائقن جي صورتحال جو پاڻ مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ هو جمعي جي شام ڪراچي ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه پڻ ??ند??.