اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باوجوه چيو آهي، ته اسان جي آزادي ۽ امن شهيدن جي بي مثال قربانين جو نت??جو آهي، شهيدن جي بي مثال قربانين عيوض ا??ان جي جهنڊي جو ڳاٽ اوچو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو يوم دفاع ۽ يوم شهداءِ جو پيغام جاري ڪيو. جنهن ۾ آرمي چيف جو چوڻ هو ته قوم پنهنجي هيروز کي سلام پيش ڪري ٿي. عوام جي حمايت سان سمورين ڏکائين با??جو?? ملڪ جو دفاع ڪندا رهنداسين، جهنڊي جي سربلندي لاءِ اسان جي آزادي ۽ امن شهيدن جي امانت آهي، پاڪستان جو جهنڊو اوچو رکڻ لاءِ ش??يدن بي مثال قربانيون ڏنيون آهن.