اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ فروغ وقت جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي لاڳاپن ??ي تاريخي نوعيت آهي، افغانستان جي لاءِ ڪئناڊا جي انساني بنيادن تي مدد خوش آئنده آهي. پرڏ??هي آفيس موجب پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري اها ڳالهه ڪئناڊا جي پرڏ??هي وزير ميلاني جولي سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهه ٻولهه دو??ان ڪئي. ڪئناڊا جي پرڏ??هي وزير پاڪستان جي پرڏ??هي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني. ڪئناڊا جي پرڏ??هي وزير پاڪستان جي قيام جي ڊائمنڊ جوبلي جي پڄاڻي جي موقعي تي پنهنجي پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهائيندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪئناڊا جي پرڏ??هي وزير ميلاني جولي عالمي ۽ علائقائي لاڳاپن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏ??هي وزير ۽ سندس ڪئناڊا جي هم منصب گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.