اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته ٻارڙين جي تعليم ۽ تربيت خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ڪو به معاشرو عورتن جي شموليت کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي يتيم ٻارڙين جي اداري ڪاشانه ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حضور ﷺ عيد جي موقعي تي يتيم ٻارن جي مٿان هٿ رکيو، پاڻ ﷺ ٻارن تي خاص شفقت فرمائيندا ۽ پنهنجي طرز عمل سان سبق ڏنو ته بي سهارا ٻارن تي الله ۽ ان جي رسول ﷺ جي ڇانوَ آهي. صدر چيو ته ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم آهي، آئون آزادي جي ڏهاڙي جون خوشيون يتيم ٻارن سان ملهائڻ جو خواهشمند هئس. هن چيو ته آزادي جي خوشي جي موقعي تي يتيم ۽ بي سهارا ٻارن سان گڏ آهيون. ٻار اسان جو مستقبل آهن، پنهنجي تعليم تي ڀرپور ??يا?? ڏين، ٻارڙين جي تعليم ۽ تربيت خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻارڙيون ڀرپور محنت ڪن ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن. ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته ڇوڪ??ين جي تعليم جو اهتمام پاڪستان جي لاءِ تمام ضروري آهي، قائدا??ظم محمد عل?? جناح عورتن جي برابري جي تلقين ڪئي.