اسلام آباد – 14 ̵1; آ??سٽ (اي پي پي) پاڪ فضا??يه ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو قوم سان گڏ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ڏينهن جي شروعات پاڪ فضا??يه جي سمورين مسجدن ۾ فجر جي نماز کانپوء?? خصوصي دعائن سان ٿي جنهن ۾ ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاء?? خصوصي دعا ڪئي وئي. پاڪ فضا??يه جي ترجمان موجب ان ڏينهن کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ ايئر هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ پرچم ڪشائي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. ايئر وائيس مارشل محمد نديم صابر ستاره امتياز (ملٽري)، انسپيڪٽر جنرل پاڪستان ايئر فورس پرچم ڪشائي ڪئي جنهن کانپوءِ تقريب ۾ موجود سموري عملي پوري قوم سان هم آواز ٿي قومي ترانو ڳايو. بعد ۾ پاڪ فضا??يه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو نشان امتياز (ملٽري) جو آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان پيغام پڙهي ٻڌايو ويو.