اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي (وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرين سيڙپڪار ??مپنين خاص طور تي گوادر فري زون ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جي راهه ۾ ا??ندڙ رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هُن پنهنجي صد??رت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري بابت ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي ڪيو.اجلاس ۾ وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، چوڌري سالڪ حُسين، احسن اقبال، خاص معاون طارق فاطمي ظفرالدين محمود ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم ڪميٽي کي ڏهن ڏينهن اندر رپورٽ ۽ سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته چيني سيڙپڪار ??مپنين کي ترجيحي بنيادن تي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، چيني پورهيتن جي ويزا حاص?? ڪرڻ جي عمل ۾ ا??ندڙ سڀني رڪاوٽن کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي، چيني پورهيتن جي ويزا ۾ سي پيڪ ۽ ٻين ڪمپنين جي پورهيتن جي فرق کي ختم ڪري ويزا جي طريقي کي آسان ۽ تيز بڻايو وڃي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي توانائي، انفرااسٽرڪچر، ريلوي، پورٽ انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين منصوبن ۾ 10 ارب ڊالر ج?? سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ ڪمپنين جي باري ۾ تفصيلي طور آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پهرين مرحلي ۾ فوري طور هڪ کان 2 ارب ڊالر ج?? سيڙپڪاري جي اميد آهي، ان کانسواءِ انهن منصوبن سان نه رڳو 45 هزار ??ان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر پاڪستان EASE OF DOING BUSINESS INDEX ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم فوري طور تي انهن منصوبن تي سيڙپڪاري بورڊ، منصوبابندي واري وز??رت ۽ ناڻي واري وز??رت جي گڏيل تعاون سان هڪ جامع منصوبو جوڙڻ جي هدايت جاري ڪئي.