حيدرآباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پاڪستان مسلم لي?? (ن) جي اڳواڻ صاحبزاده شبير انصاري 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير جي خصوصي ??يثيت کي ختم ڪرڻ جهڙي ڪڌي قدم جي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي ايم اين اي چيو ته ??ن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي معصوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. هن چيو ته ??اڪستان مسلم لي?? (ن) ۽ ملڪ جي ٻين سياسي پارٽين پاران ريليون ڪڍيون وينديون ۽ ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن جي خلاف آواز اٿاريو ويندو. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ ان مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??اڪستان مسلم لي?? (ن) ڪشمير مسئلي کي سدائين گڏيل قومن سميت سمورن فورمن تي اجاگر ڪيو آهي. هن حيدرآباد جي شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي 5 آگسٽ تي ڪڍي ويندڙ ريلين ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائين.