اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) افغانستان جي زلزلي س??يلن جي لاءِ امداد?? سامان سان ڀريل ٽرڪ اڄ رات خوست رواني ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي موڪليو ويندڙ امداد?? سامان خوست ۾ افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي افغانستان جي زلزلي س??يلن جي لاءِ امداد?? سامان اربع ۽ خميس جي وچ واري رات روانو ڪيو پيو وڃي. افغانستان موڪليو ويندڙ سامان ۾ تنبو، ٿُلهيُون چاڌرُون، ڪمبل ۽ دوائون شامل آهن. امداد?? سامان سان ڀريل ٽرڪن جو قافلو غلام خان ڪالي زنگ رستي کان خوست پ??چندو، جتي اهو امداد?? سامان افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. پرڏيهي وزات، اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن امداد?? سامان جي روانگي ۽ افغان عملدارن کي حوالگي جي عمل ۾ حصيدار عمل ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن تي پاڪستان پاران انساني همدردي ??ي جذبي تحت امداد?? ساامان موڪلڻ جي هدايت ڪئي هئي.