اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کڻندي سڄي ملڪ ۾ سي پي آر ٽريننگ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايمرجنسي حالتن ۾ حياتي بچائيندڙ عالم?? معيار جي سي پي آر تربيت لکين زندگيون بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ اسٽريٽجڪ ريفارم?? جي سربراهه سلمان صوفي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ان حوالي سان اسٽريٽجڪ ريفارم?? جي سربراهه کي فوري قدم?? جي هدايت ڪندي چيو ته حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ کي اسڪول?? جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته ان کانسواءِ هر شهر کي سي پي آر جي تربيت ڏ??ڻ به مهم جو حصو هوندو، ايندڙ هفتي ان ملڪ گير مهم جي حوالي سان مڪمل حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف صحت جي شعبي ۾ ميرٽ جي بالادستي، عالم?? معيار جي تعليم ۽ پنجاب صوبي ۾ اسپتال??ن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻايو. وزيراعظم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ قومي سطح تي صحت جي شعبي ۾ سڌارن جو پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ گير حياتي بچائيندڙ سي پي آر جي تربيت جي مهم ان سلسلي جي پهرين ڪڙيءَ آهي.