اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري دستاويز ظاهر ڪندڙ نيب آفيسر کي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار رکي آهي. نيب سکر جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊا??ريڪٽر فهيم الله ڳجهي سرڪاري ??عل??مات غيرقانوني طور تي هڪ گهربل ڏوهاري کي فراهم ڪئي هئي، ??عل??مات جي بنياد تي نيب ڪيس ۾ هڪ گهربل شخص گرفتاري کان بچي فرار ٿي ويو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪرپٽ ماڻهن کي رڳو نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڪافي نه آهي. هن هدايت ڪئي ته نيب ڪرپٽ عملدار ۽ ڪيس ۾ شامل ٻين ماڻهن جي خلاف ڪ??رر??ائي ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيب عدالت جي مدد سان ڪيس ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي سزا ڏياري، ڪرپٽ عملدار ملڪ کي دوکو ڏنو، بدعنواني جي خاتمي جي اداري ۾ ئي ڪرپشن ڪئي. تفصيل موجب نيب سکر ۾ نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊا??ريڪٽر فهيم الله کي سروس مان ڪڍڻ جي سزا ڏني هئي، فهيم الله گرفتاري جي وارنٽ بابت ??عل??مات خوراڪ کاتي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊا??ريڪٽر رفيق احمد راڄپر کي ڏني جيڪو نيب کي خوراڪ ڪيس ۾ گهربل هو، فهيم الله اها ??عل??مات پنهنجي دوست نيب جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊا??ريڪٽر يعقوب راڄپر کي ڏني، يعقوب راڄپر ??عل??مات رفيق راڄپر کي ڏني جنهن جي ڪري هُو موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ گرفتاري کان بچي ويو. انڪوائري کانپوءِ فهيم الله جي خلاف الزام ثابت ٿيڻ تي نيب نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڏني. ڪرپٽ آفيسر سزا جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي هئي. صدر فهيم الله جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ نيب پاران ڏنل سزا کي برقرار رکيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته درخواست ڏيندڙ اڳوڻو فيصلو رد ڪرڻ جي حق ۾ ڪو سبب پيش نه ڪري سگهيو، ڳجهي ??عل??مات فهيم الله کان ٿيندي رفيق راڄپر تائين پهتي جنهن جي ڪري جوابدار فرار ٿيو، فهيم الله، يعقوب راڄپر ۽ رفيق راڄپر جي وچ ۾ رابطو به ثابت ٿي ويو. هن چيو ته فهيم الله ۽ يعقوب راڄپر جي ٽيليفون جي فرانزڪ سان واضح طور ڪرپشن جا ثبوت مليا. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته فهيم الله جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي، نيب سکر ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ سامهون ايندڙ سمورن تفصيلن جي جاچ ڪري.