اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ??رب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي اڄ 28 اپريل کان 30 اپريل 2022ع تائين سعودي ??رب جو دورو ڪندو، دوري دوران وزيراعظم جو سعودي قيادت سان ٻطرفي ملاقات ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ، سعودي ??رب ۾، پاڪستاني افرادق قوت لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيلن موجب هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو اهو پهريون ٻاهرين ملڪ جو دورو هوندو. دوري ۾ ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد به وزيراعظم سان گڏ هوندو. ان دوري دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان ٻطرفي ملاقات ڪندو ۽ خاص طور تي ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ سعودي ??رب ۾، پاڪستاني افرادي قوت لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل اعتماد، افهام ۽ تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ جي مستقل روايت تي ٻڌل آهن، ??اڪستان جي عوام، خادم حرمين شريفين کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ويجهي گڏيل تعاون، ??طرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي. سعودي ??رب ڄمون ۽ ڪسمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جو ميمبر آهي، سعودي ??رب ۾ رهندڙ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ??نهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن جو ت??لسل، ٻطرفي لاڳاپن جي خصوصي نوعيت کي ظاهر ڪري ٿو، وزيراعظم جي سعودي ??رب جي دوري سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ مد?? ملندي.