اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سيالڪوٽ ۾ باهه لڳڻ سبب ڪڻ?? جي تيار فصل جي تباهي کان متاثر آبادگارن جي مالي امداد جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم پنجاب حڪومت کي حڪم ڏنو ته جن آبادگارن جي فصل سڙي وئي آهي، انهن کي فوري امدادي چيڪ ??نا وڃن، وزيراعظم 90 هزار ڪلوگرام ڪڻ?? سڙي راک ٿيڻ تي آبادگارن جي فوري مالي مدد جو حڪم ڏنو. هن هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ آهي، مشڪل وقت ۾ آبادگارن جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي. واضح رهي ته بيلا پل باجوان، بجوت سيڪٽر ۾ 23 اپريل 2022ع تي ڪڻ?? جي تيار فصل کي باهه لڳي وئي هئي، باهه سان 77 ايڪڙ زمين متاثر ٿي هئي، 76 ايڪڙ ۾ ڪڻ?? جي فصل لاٻاري جي لاءِ تيار حالت ۾ هئي، سرڪاري رپورٽ موجب 15 آبادگارن جي تيار ڪڻ?? سڙي وئي هئي، جاچ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪٽائي مشين ۾ فني خرابي سبب باهه لڳي، مشين جي ويجهو ئي ذخيرو ڪيل 80 ليٽر ڊيزل کي باه?? پڪڙڻ سان حادثي جو دائرو پکڙجي ويو هو، فاصلو وڌيڪ هجڻ جي ڪري فائربرگيڊ کي پهچڻ ۾ وقت لڳو. فائربرگيڊ 32 ڪلوميٽر جو فاصلو 25 منٽن ۾ طئي ڪيو. فائربرگيد جي ڪوششن سان باهه کي 135 ايڪڙ ۾ پکڙجڻ کان روڪيو ويو.