اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان روسي صدر ??لادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي اڄ اربع کان روس جو ٻن ڏ??نه?? جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير ۽ اعليٰ سطحي وفد پڻ دوري ۾ وزيرا??ظم سان گڏ هوندا. وزيرا??ظم عمران خان ۽ روس جي صدر ??يوٽن جي وچ ۾ ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. وزيرا??ظم عمران خان ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيرا??ظم عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر ??يوٽن سان ملاقات ۾ وزيرا??ظم عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان لاڳاپن خاص طور تي توانائي جي شع??ي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وزيرا??ظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزيرا??ظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزيرا??ظم آهي.