اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ازبڪست??ن جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي، ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ سياحت، ڪاروباري ??ابطن ۽ عو??مي سطح تي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي ۽ افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري ??يان موجب وزيراعظم سان ازبڪست??ن جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي ازبڪستان سان واپار، زراعت، توانائي ۽ عو??مي سطح تي رابطن جي ??مو??ن شعبن ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ جي پاڪست??ن جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ مهيني ازبڪست??ن جي صدر شوڪت مرزيوف جي پاڪست??ن جي دوري ??و منتظر آهي. وزيراعظم علائقائي رابطن ۽ انضمام کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي سنگ ميل قرار ڏيندي ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي لاءِ پاڪست??ن جي مضبوط عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان موقعي تي علائقائي خوشحالي جو سبب بڻجندڙ رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي افغانستان ۾ انساني بحر??ن جي خاتمي لاءِ انساني ۽ اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي فوري ??رورت کي ورجايو. وزيراعظم لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ سياحت، ڪاروباري ??ابطن ۽ عو??م جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي جي اهميت تي زور ڏنو. هن ترجيحي واپاري معاهدي سميت ??مو??ن التوا هيٺ ٻطرفن مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. نائب وزيراعظم سردور عمرزاڪوف وزيراعظم عمران خان کي ازبڪست??ن جي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.