اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي انساني وسيلن کي بلاڪ، چين ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت،سائبر سيڪيورٽي ۽ بگ ڊيٽا جهڙين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ ترقي ۽ تربيت ڏيڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي، صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ بلا?? چين ماهرن جي هڪ عالمي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. جنهن جي قيادت بي ايس وي بلا?? چين ايسوسيئيشن جي باني صدر جيمس نيگوين ڪري رهيو هو. صدر بلا?? چين ٽيڪنالاجي جي اهميت ۽ فائدي جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن سرڪاري ۽ نجي شعبا ان مان فائدو وٺي سگهن، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بلا?? چين ٽيڪنالاجي ڏيڻ وٺڻ کي ٽريڪ ڪرڻ، بدعنواني کي گهٽ ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ شفافيت وڌائڻ جو هڪ طاقتور ذريعو ٺهي سگهي ٿي، هن وڌي?? چيو ته بلا?? چين ٽيڪنالاجي جي صلاحيتن کان پوري طرح فائدي وٺڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ ان جي لاڳو کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ جامع نقطه نظر جي ضرورت آهي، صدر پاڪستان جي ٽيڪنالاجي ٽيلينٽ جي خدمتن کي ساراهيو. جنه?? دنيا جي ڪجهه وڏي ڪمپنين کي ٽيڪينڪي سهولت فراهم ڪري پنهنجي شناخت ٺاهي آهي، هن ان حقيقت کي اجاگر ڪيو ت?? گذريل سال دوران پاڪستاني اسٽارٽ اپ آءِ ٽي جي شعبي ۾ قابل قدر عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ان موقعي تي ج??يز نيگوين معيشت جي مختلف شعبن جهڙوڪ بئنڪنگ، فنٽيڪ، ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ، هيلٿ ڪيئر، بگ ڊيٽا، ماحوليات ۽ گورننس ۾ بلا?? چين ٽيڪنالاجي جي امڪانن ۽ استعمال جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ميٽنگ کي پاڪستان ۾ بي ايس وي بلا?? چين پاران کنيل ڪيترن ئي قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو.