اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊاڪٽرز اسان جي ملڪ جو قيمتي سر??ايو آهن، پاڪستاني ڊاڪٽرز جي صلاحيتن جي پوري دنيا متعرف آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار انصاف ڊاڪٽرز فورم جي صدر ڊاڪٽر مدير خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خاص مددگار نيشنل هيلٿ سر??سز ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ خيبرپختونخوا جي صحت ۽ روينيو وارو وزير تي??ور ??ليم جهڳڙا به موجود هو. ملاقات دوران وزيراعظم کي صحت جي شعبي ۾ سڌارن بابت اڳڀرائي کان تفصيلي طور ??ي آگاهه ڪيو ويو. ڊاڪٽر مدير وزيراعظم کي ڊاڪٽرن جي انٽري ٽيسٽ ا??گزام (ايم ڊي سي اي ٽي) ۽ نيشنل لائيسينسنگ ايگزام (اين ايل اي) بابت خدشن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ڊاڪٽر فيصل سلطان کي ترجيحي بنيادن تي انهن خدشن کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.