اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ اف??ان سهڪار فورم (پي اي سي ايف) انساني بنيادن تي امداد جي طور تي حڪومت پاڪستان طرفان 300 ٽن کادي پيتي جي شين سان ڀريل 17 ٽرڪ اف??انستان روانو ڪري ڇڏيا. پاڪ اف??ان سهڪار فورم (پي اي سي سي ايف) جي چيئرمين حبيب الله خان خٽڪ پاڪ اف??ان بارڊر طورخم تي پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته اف??ان اس??ن جو مسلمان ڀاءُ ۽ پاريسي آهي هن چيو ته 40 سال ڊگهي جنگ اف??انستان جي معيشت، زراعت ۽ انتظامي بنيادي ڌانچي کي تباه ڪري ڇڏيو آهي ۽ عالمي امدادي ادارن جي اوچتو واپ??ي پوري آبادي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي گذريل سال ڏوڪاڙ سبب پريشانين ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سبب انساني بحران جو سامهون آهي پر ان تي فوري ۽ موثر طريقي سان ڌيان نه ڏنو ته اهو انساني تباهي جو سبب بڻجندو. حبيب الله خٽڪ وڌيڪ چيو ته پاڪ اف??ان سهڪار فورم هڪ ٽرسٽ آهي جيڪا ضرورت جي ان گهري ۾ اف??ان شهرين جي مدد لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. اس??ن جو مقصد نه صرف اف??انستان جي ماڻهن کي خوراڪ، دوائن ۽ کادي جي شين جي صورت ۾ فوري انساني امداد فراهم ??رڻ آهي.